حڪيم عرض محمد ڪانڌڙو

حڪيم عرض محمد ڪانڌڙو

عرض محمد ڪانڌڙو حڪيم

عرض محمد ڪانڌڙو، حڪيم: سنڌ جو نامور طبيب ۽ درويش صفت انسان صوفي عرض محمد ڪانڌڙو ولد خدا بخش ڪانڌڙو 1249هه/ 1833ع ڌاري پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد سان گڏ هارپي جو ڪم ڪندو هو. سندس پڙ ڏاڏو فقير سومرو ڪانڌڙو رياست خيرپور مان هجرت ڪري اچي موري شهر جي ڀرسان آباد ٿيو. صوفي عرض محمد جڏهن جوان ٿيو، تڏهن هر وقت عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ اڪثر وڃي مخدوم بلاول جي درگاهه تي روحاني سڪون حاصل ڪندو هو. صوفي عرض محمد فقير هر مهيني جي پهرين جمعي تي درگاهه ضرور ويندو هو. صوفي عرض محمد ڪانڌڙو وڏو صاحب ڪشف درويش ۽ حڪيم هو. سوين بيمارين جا نسخا کيس ياد هوندا هئا. کيس چئن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. سندس اولاد مان الهه بچايي حڪمت ۾ وڏي شهرت ماڻي. عرض محمد صوم و صلوات جو پابند هو. فالج جي بيماريءَ ۾ 14 رمضان 1339هه بمطابق 22 مئي 1921ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ خدا بخش ڪانڌڙو، تعلقي موري ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو